سنڌ جي مٽيءَ جو وجود، سندس درياءَ، جبل، ٻيلا، زمينون، سونهن ۽ معدنيات صرف جاگرافيائي حدون نه آهن، پر صديون پراڻي تاريخ، ثقافت، شعور ۽ وجود جا حصا آهن. سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ جو سهارو آهن، پر جڏهن انهن وسيلن تي وار ٿيو آهي، تڏهن تڏهن سنڌ جي روح کي زخمي ٿيڻ سان گڏوگڏ عوام جي زندگي ۾ تڪليف ۽ بحران پيدا ٿيو آهي. اڄ وري هڪ ڀيرو سنڌ جي وسيلن تي هٿ وجهڻ جون ڪوششون نئين روپ، نئين حڪمت عملي ۽ نئين آئيني ڍانچي ۾ ٿي رهيون آهن. 27هين ترميم رڳو ڪاغذن تي لکيل لفظ نه آهي، پر سنڌ جي وجود ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي، جنهن جا اثر صرف انتظامي حدن تائين محدود نه رهندا، پر سنڌ جي وسيلن، اختيارن، ثقافتي سڃاڻپ ۽ وحدت تي سڌو حملو بڻبا. سنڌ جون زمينون، درياھ، ساحل، بندرگاهون، ڪوئلو، گيس، معدنيات ۽ ٻيو هر اثاثو صدين کان سنڌ جي ماڻهن جي گڏيل حق جو حصو رهيو آهي. پر نئين ترميم جي نالي ۾ انهن وسيلن تي وفاقي قبضي جو نئون در کوليو پيو وڃي. اهو در جيڪڏهن هڪ ڀيرو کلي ويو، ته پوءِ سنڌ جو پاڻي، سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ جا ٻيلا، بندرگاهون ۽ ساحل سڀ غير محفوظ ٿي ويندا. سڀ کان وڏو نقصان سنڌ جي وحدت، سياسي سڃاڻپ ۽ خودمختياري کي ٿيندو. اڄ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهي انهن پراڻين ڪوششن جو وڌايل روپ آهن، جيڪي ڪڏهن ڪراچي کي ڌار ڪرڻ، ڪڏهن وسيلن جي ورهاست، ڪڏهن پاڻيءَ جي وهڪرن تي ڪنٽرول، ۽ ڪڏهن صوبائي اختيار گهٽائڻ جي نالي ۾ ٿيندا رهيا. سنڌ جي سياسي، علمي ۽ سماجي حلقن ۾ جيڪا ڳڻتي آهي، اها حقيقتن مان جنم وٺي رهي آهي.
27هين ترميم جو مقصد انتظامي بهتري هجي ها، ته سنڌ جو ماڻهو ڪڏهن به مخالفت نه ڪندو. پر جڏهن ترميم ۾ اهڙيون لائينون شامل هجن جيڪي صوبن جي وسيلن، قانون سازي، حدبندي، مالياتي نظام ۽ اختيارن کي سڌي طرح متاثر ڪن، تڏهن اها عوام لاءِ نه، پر مخصوص طاقتور طبقي جي فائدي لاءِ هوندي آهي. ڪارونجهر جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ بدران وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جيڪو صاف ثبوت آهي ته سنڌ جي وسيلن تي رياستي مداخلت وڌائي پئي وڃي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هي رڳو هڪ ڪيس نه آهي، هي هڪ دروازو آهي جنهن مان سڀ ڪجهه خاموشي سان کنيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪارونجهر جهڙو تاريخي، روحاني ۽ معدنياتي جبل وفاق جي ڪنٽرول ۾ وڃي سگهي ٿو، ته پوءِ سنڌ جو پاڻي، زمينون، ٻيلا، بندرگاهون ۽ تاريخي جايون ڪنهن به وقت “قومي مفاد” جي نالي تي وڃائي سگهجن ٿيون. سنڌ جو شعور ڪڏهن به اهڙين عملن کي قبول نه ڪندو. سنڌ جو تاريخي مزاج، سنڌ جي فڪري روايت ۽ سياسي ارادو هميشه مرڪزيت جي خلاف رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته جڏهن وسيلن تي قبضا ٿين ٿا، تڏهن قومي وجود به خطري ۾ اچي ٿو. صدين دوران سنڌ ڪيترائي وار سهيا آهن، پر پنهنجي اتحاد، شعور، محنت ۽ جدوجهد سان هر وار کي روڪيو آهي. اڄ وري ساڳيو ڏينهن آهي، جڏهن سنڌ کي پنهنجي اتحاد ۽ شعور جي ضرورت آهي. سنڌ جي نوجوانن کي اڄ سوچڻو آهي ته ڇا هو پنهنجي وسيلن کان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهن؟ ڇا هو قبول ڪندا ته سنڌ جو ڪوئلو، گيس، پاڻي ۽ زمين ڪنهن ٻئي اختيار هيٺ هجي؟ سنڌ جي عورتون ڇا برداشت ڪنديون ته انهن جي ٻارن جو پاڻي ڪنهن ٻئي طاقتور جي مهرباني تي هجي؟ سنڌ جا هاري ڇا قبول ڪندا ته سندن زمينن بابت فيصلا اسلام آباد ۾ ٿين؟ ۽ ڇا تاريخي جبل، روحاني ۽ ثقافتي جايون وفاقي ڪنٽرول هيٺ اچن؟ جيڪڏهن جواب “نه” آهي، ته جدوجهد ئي واحد رستو آهي. سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪرڻو آهي. سنڌ جا وسيلن تي ڪو به قبضو برداشت نه ٿيندو. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪا به مُهرَ نه هجڻ کپي، زمينن تي ڪا اجائي نشاني نه ٿيڻ کپي، ۽ جبلن تي ڪو سياسي هٿ نه هجڻ کپي. سنڌ جي مستقبل تي ڪو به معاملو بغير سنڌ جي مرضي نٿو ٿي سگهي. هن ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ هر وڏو ڌڪ ان وقت لڳايو ويو آهي، جڏهن ماڻهو سوچي رهيا هئا ته “ڪجهه به نه ٿيندو”. پر جڏهن ڪجهه ٿي چڪو هوندو آهي، تڏهن سوچ بعد ۾ سر ٿيندي آهي. اڄ سوچڻ جو وقت ناهي، اڄ آواز بلند ڪرڻ جو وقت آهي. سنڌ کي پنهنجي وسيلن، وحدت، سڃاڻپ ۽ وجود لاءِ گڏجي بيهڻو پوندو. وسيلن تي وار اصل ۾ عوام تي وار آهن. جڏهن هٿ وسيلن کي ڇهندا آهن، اهي سڌو ماڻهن جي زندگي، روزگار، ثقافت ۽ مستقبل تي اثر انداز ٿيندا آهن. سنڌ هميشه ثابت ڪيو آهي ته جڏهن وسيلن ۽ وحدت تي حملو ٿيو آهي، هو خاموش نه رهي. سنڌ جو شعور سڀ کان وڏي طاقت آهي، ۽ اهو شعور ئي ڌرتيءَ کي بچائيندو. 27هين ترميم رڳو لفظ نه آهي، پر سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ ڪارو داغ آهي. جيڪڏهن اسان خاموش رهنداسين، ته مستقبل ۾ 28هين ترميم، نوان صوبا، نيون حدون، نوان بندرگاهي انتظام، ۽ وفاقي مرڪزيت سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ عوامي حقن لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويندي.
اسان کي پنهنجو شعور مضبوط ڪرڻو پوندو، احتجاج ۽ گڏيل آواز بلند ڪرڻو پوندو، ته جيئن عوام جا حق محفوظ رهن. سياسي قيادت کي به پنهنجا قدم عوام جي حقن ۽ صوبائي وجود مطابق کڻڻا پوندا، نه ڪي طاقتور مرڪزيت پسندن جي حڪمن تي عمل ڪندي. سنڌ جا وسيلن تي ڪو به وار برداشت نه ٿيندو، عوام جا حق محفوظ رهندا، ۽ اسان جو آواز ئي سڀ کان مضبوط دفاع آهي. سنڌ جي عوام جو ھڪ ئي نعرو ۽ سادو پيغام آهي. سنڌ جي وسيلن تي ڪو به وار برداشت نه ٿيندو، عوام جا حق محفوظ رهندا، 26، 27 ۽ 28ھين ترميمون عوام دشمن آهن، سنڌ جي وحدت ۽ مستقبل لاءِ آواز بلند ڪريو، طاقتور طبقي جا مفاد عوام تي حاوي نه ٿيڻ ڏيو، ڪارونجهر ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ اسان جي اھم ذميواري آهي.!