اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هندو ڪائونسل ڀارت جي بچاءَ واري وزير جي سنڌ بابت چڙ ڏياريندڙ بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته محب وطن پاڪستاني هندو ڪميونٽي پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي سمجهي ٿي، سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، دنيا ۾ سرحدون جذباتي نعرن يا تقريرن سان تبديل ناهن ٿينديون.
هڪ بيان ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته راج ناٿ سنگهه جو بيان غير ذميواراڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ احمقاڻو آهي، اسان کي فخر آهي ته ورهاڱي وقت قائداعظم جي چوڻ تي اسان جي وڏڙن لڏپلاڻ نه ڪئي.
هن چيو پاڪستان جي هندو ڪميونٽي حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته راج ناٿ سنگهه جي بيان تي سفارتي سطح تي سخت نوٽيس ورتو وڃي.
You might also like