پي ٽي آءِ عوام کي اڊيالا جيل پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليا حمزا پنجاب جي عوام کي اڊيالا پهچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو.
عاليا حمزا چيو آهي ته منهنجي پنجاب جي عوام کي درخواست آهي ته 25 نومبر اڱاري تي اڊيالا جيل ٻاهران اسان سڀني جو آواز بڻجي خان جي بهادر فيملي سان گڏ بيهو.
هن چيو ته عمران خان سان ملاقات سندس فيملي جو آئين، قانوني ۽ انساني حق آهي، جنهن کي عدالتون به تسليم ڪن ٿيون ۽ جيل مينوئل به ان جي اجازت ڏئي ٿو، اسان کي ملاقاتن کان روڪڻ تي آواز اٿارڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته خان جا گهر ڀاتي جيستائين اتي موجود هوندا، اسان سڀني کي انهن سان گڏ بيهڻو آهي، سمورا ايم اين اي، ايم پي اي، ٽڪيٽ هولڊر، تنظيمي عهديدار ۽ ڪارڪن اڊيالا جيل پهچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.