آءِ فونز واهپيدارن لاءِ خواب بڻيل اينڊرائيڊ فونز جي 7 فيچرن بابت ڄاڻيو

آءِ فون وڌيڪ سٺو آهي يا اينڊرائيڊ سمارٽ فون، اِهو بحث ڊگهي عرصي کان جاري آهي، پر واهپيدار انهن مان ڪنهن هڪ پليٽفارم کي مختلف سببن يا فيچرز جي ڪري ترجيح ڏيندا آهن.
آءِ فونز ۽ اينڊرائيڊ ڊيوائسز جي وچ ۾ اِهو مقابلو لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ سڄي دنيا ۾ هاڻي اينڊرائيڊ فونز جو استعمال وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو.
هونئن ته ٻنهي آپريٽنگ سسٽمز ۾ ڪيترائي فيچرز موجود آهن پر ڪي فيچرز اهڙا آهن جيڪي توهان رڳو اينڊرائيڊ فونز ۾ ئي استعمال ڪري سگهو ٿا.
ته پوءِ اچو ۽ اهڙن ئي فيچرز بابت ڄاڻو جيڪي آءِ فونز وارن لاءِ في الحال ته رڳو خواب ئي آهن.

اسڪرولنگ اسڪرين شاٽس
آءِ فونز جي ڀيٽ ۾ اينڊرائيڊ فونز ۾ اسڪرين شاٽس وٺڻ جو تجربو وڌيڪ بهتر هوندو آهي.
آءِ فونز ۾ فل اسڪرين شاٽ جو پريويو ممڪن ئي ناهي جڏهن ته کوڙ سارن اينڊرائيڊ فونز ۾ رڳو اسڪرولنگ ذريعي مڪمل اسڪرين شاٽ ڏسي يا محفوظ ڪري سگهجن ٿا.
يعني ڪنهن تصوير، لکڻي يا ڪنهن به شيءَ جو اسڪرين شاٽ وٺي ان جو مڪمل جائزو وٺڻ ممڪن هوندو آهي.

اسٽوريج ۾ واڌ
آءِ فون ۾ اسٽوريج وڌائڻ ممڪن ناهي ۽ وڌيڪ اسٽوريج وارا آءِ فون مهانگا هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪو واهپيدار گهٽ اسٽوريج وارو سستو آءِ فون وٺي ٿو ته پوءِ ان ۾ اضافو ممڪن ناهي.
ان جي ڀيٽ ۾ اينڊرائيڊ فونز ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي اسٽوريج ۾ نمايان واڌارو ڪري سگهجي ٿو.

ايپ ڪلوننگ
ڪيئي ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته توهان کي هڪ ئي ايپ ۾ ڪيترائي اڪائونٽس استعمال ڪرڻا هوندا آهن.
اِها خواهش ڪنهن آءِ فون ۾ مٿي جو سور بڻجي ويندي آهي ڇو ته هر ڀيري سائن ان ۽ سائن آئوٽ ڪرڻو پوندو آهي.
اينڊرائيڊ فونز ۾ ان جو حل ايپ ڪلوننگ جي صورت ۾ موجود آهي.
واهپيدار مختلف ايپس جون ڪاپيون ٺاهي مختلف ڊيٽا ۽ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
حقيقت ۾ اينڊرائيڊ فونز ۾ اِهو فيچر ورهين کان موجود آهي، بس فون ڪمپنين ان کي مختلف نالا ڏنا آهن.

هڪ کان وڌيڪ پروفائلز
ڪنهن به فون ۾ گھڻا پروفائلز تمام مددگار ثابت ٿيندا آهن.
مثال طور توهان پنهنجو فون گهر جي ڪنهن فرد کي ڏئي سگهو ٿا، ٻارن لاءِ الڳ پروفائل ٺاهي سگهو ٿا يا پنهنجا ذاتي ۽ آفيس وارا اڪائونٽس الڳ ڪري سگهو ٿا.
اينڊرائيڊ فونز ۾ مختلف يوزرز کي شامل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي ۽ هر پروفائل جي ڊيٽا، پاسورڊ ۽ فائلون الڳ هونديون آهن.
پر آءِ فونز ۾ اِهو فيچر موجود ناهي، هڪ ئي پروفائل تي فون استعمال ڪرڻو پوندو آهي.

اسپلٽ اسڪرين
جيڪڏهن ملٽي ٽاسڪنگ جي ڳالهه ڪجي ته اينڊرائيڊ فونز ام معاملي ۾ آءِ فونز کان بهتر آهن.
اينڊرائيڊ فون ۾ اسپلٽ اسڪرين ذريعي هڪ ئي وقت ٻه ايپس هلائي سگهجن ٿيونم پر آءِ فونز ۾ ائين ممڪن ناهي.

ريورس وائرليس چارجنگ
آءِ فون ايڪس ۾ ايپل پهريون ڀيرو وائرليس چارجنگ وارو فيچر متعارف ڪرايو هو، پر ڪيترن سالن کانپوءِ به آءِ فونز ۾ ريورس وائرليس چارجنگ موجود ناهي، جيڪا اينڊرائيڊ فونز ۾ ڪيئي ورهين کان موجود آهي.
ريورس وائرليس چارجنگ سان توهان ٻين ڊيوائسز کي پنهنجي فون ذريعي چارج ڪري سگهو ٿا.

ڊيسڪ ٽاپ موڊ
ڪيترن ئي اينڊرائيڊ فونز ۾ ڊيسڪ ٽاپ ڊسپلي وارو فيچر موجود هوندو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جهڙي انٽرفيس جو استعمال ڪري سگهن ٿا.
ان فيچر ۾ توهان مائوس استعمال ڪري سگهو ٿا، فائلون هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪري سگهو ٿا ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا.
پر آءِ فون کي ڪنهن ٻئي ڊسپلي سان اهڙي انداز ۾ ڳنڍڻ ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.