مرتضيٰ وهاب شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب اعلان ڪيو آهي ته گرين لائن ڪامن ڪوريڊور 31 آڪٽوبر 2026 تائين کوليو ويندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته گرين لائن جي تعمير سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر ڪم پورو ٿيڻ کانپوءِ سهولت ملندي.
هن چيو ته منصوبو شروع ڪرڻ وقت ڪي ايم سي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو پر هاڻ سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل طور ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان وفاق سان منصوبي جي ٽائم لائن تي ڳالهايو هو، گرين لائن ڪامن ڪوريڊور 31 آڪٽوبر 2026 تائين کوليو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن منصوبي جا مسئلا به حل ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان تي باضابطا ڪم شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.