ڀارت پنهنجي ئي گهر ۾ بيوس،گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي پوزيشن مضبوط

گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ٻي اننگز ۾ بنا ڪنهن جي نقصان جي 26 رنسون ٺاهي ڀارت خلاف 314 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
گوهاٽي ۾ جاري ٻِين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ڀارت پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز بنا ڪنهن نقصان جي 9 رنسن تان شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 201 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان يشسوي جئسوال 58 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ واشنگٽن سُندر 48، ڪي ايل راهول 22 ۽ ڪُلديپ يادَو 19 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي.
ڏکڻ آفريڪا جي مارڪو ينيسن بيٽنگ کان پوءِ بالنگ ۾ به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ڀارتي بيٽرن کي گهڻي دير ڪريز تي نه ٽڪڻ ڏنو ۽ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، سيمون هارمر 3 وڪيٽون، جڏهن ته ڪيشو مهاراج هڪ وڪيٽ ورتي.
اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا کي ڀارت خلاف 288 رنسن جي سرسي حاصل ٿي، ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پروٽيز بنا ڪنهن نقصان جي 26 رنسون ٺاهي ورتيون هيون.
اوپنر ريان رڪليٽن 13 ۽ ايڊن مارڪرم 12 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 489 رنسون ٺاهيون هيون، مٿوسامي 109 ۽ ينيسن 93 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيا.
ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ مهمان ٽيم کي 1-0 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.