لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سان وڌيڪ ڏهن سالن لاءِ معاهدي جي تجديد ڪري ڇڏي.
لاهور قلندرز طرفان اي واءِ جي ويليوئيشن کانپوءِ معاهدي جي تجديد ڪئي وئي آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته لاهور قلندرز طرفان معاهدي جي تجديد پي ايس ايل تي اعتماد جو ثبوت آهي، لاهور قلندرز جي مالڪن پنهنجي فرنچائز کي عالمي برانڊ بڻائي ڇڏيو آهي.
پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير جو چوڻ آهي ته پاڪستان سپر ليگ ايندڙ سال 11هين ايڊيشن ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي اٺ ڪيو ويندو.
هن چيو ته لاهور قلندرز جو جذبو ۽ توانائي پي ايس ايل جي سڃاڻپ آهي، قلندرز جي ٽيلنٽ نرسري پاڪستان ڪرڪيٽ کي نئون رت ڏنو آهي.
واضح رهي ته شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ چئن سالن دوران ٽي پي ايس ايل ٽائٽل لاهور قلندرز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
ٻئي پاسي پشاور زلمي به پي ايس ايل سان فرنچائز معاهدي جي 10 ورهين لاءِ تجديد ڪري ڇڏي آهي.
اپشاور زلمي جي ملڪيت ايندڙ ڏهاڪي ۾ به موجودا مالڪن وٽ ئي رهندي، پشاور زلمي اي واءِ جي ويليوئيشن کانپوءِ معاهدي جي تجديد ڪئي آهي.
پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته جاويد آفريدي جي قيادت ۾ زلمي پاڪستان جي مقبول ترين فرنچائز بڻجي وئي آهي، سندس ويزن زلمي ۽ پي ايس ايل ٻنهي لاءِ اهم اثاثو آهي.
Next Post
You might also like