فنڊن جو مسئلو ناهي: وڏي وزير بنا دير روڊن جي نئين سر تعمير جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته فنڊن جو مسئلو ناهي، مون کي شهرين لاءِ تڪڙو ۽ معياري ڪم کپي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي روڊن ۽ گهٽين جي نئين سر تعمير بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته برساتن کانپوءِ روڊ زبون حالي جو شڪار آهن، ميگا پراجيڪٽ جاري آهن، جنهن سبب ٽريفڪ مسئلا آهن، چاهيان ٿو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي تڪليف نه ٿئي.
مرتضيٰ وهاب بريفنگ ڏيندي چيو ته شهر جون 315 اندروني گهٽيون ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، جنهن تي مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته اسڪيمون منظور ڪري تيزي سان ڪم ڪرايو وڃي.
ميئر چيو ته شهر جا 60 اهم روڊ به ٻيهر تعمير ٿيڻا آهن، ترقياتي ڪمن تي 25 ارب رپين جي لاڳت جو ڪاٿو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته فنڊن جو مسئلو ناهي، عوام جي سهولت لاءِ معياري ڪم ٿيڻ گهرجي.
ان موقعي تي شهر جي اندروني روڊن ۽ گهٽين سان گڏوگڏ 60 اهم روڊن جي نئين سر تعمير لاءِ 25 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.