اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ اٿليٽ ارشد نديم جي ڪوچ سلمان بٽ تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پي ايس بي جي ٽياڪڙ سينيٽر پرويز رشيد ڪوچ سلمان بٽ تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته سلمان بٽ تي اٿليڪٽس فيڊريشن آف پاڪستان طرفان تاحيات پابندي لڳائي وئي هئي.
ان فيصلي کي سلمان بٽ اسپورٽس بورڊ جي آئين تحت چئلينج ڪيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ايس بي جي ٽياڪڙ پابندي کي غير قانوني قرار ڏنو.
پي ايس بي ٽياڪڙ جي فيصلي موجب، سلمان بٽ خلاف ڪارروائي ۾ اٿليٽڪس فيڊريشن قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون هيون نه ڪا چارج شيٽ فراهم ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو، اٿليٽڪس فيڊريشن سلمان بٽ جي ساک کي نقصان پهچايو ۽ ارشد نديم جي ڪوچ تي پابندي سبب ارشد نديم جي تيارين کي به متاثر ڪيو ويو.
ٻئي پاسي، پي ايس بي ايڊجيوڊيڪيٽر اٿليٽڪس فيڊريشن کي سلمان بٽ خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
پنجاب اٿليٽڪس ايسوسيئيشن جا معاملا سڌو سنئون اٿليٽڪس فيڊريشن جي اختيار ۾ نه هئا، پي اي اي جون چونڊون پنجاب اسپورٽس بورڊ ۽ پنجاب اولمپڪس جي نگراني هيٺ ٿيون.
ان کانسواءِ اسپورٽس بورڊ اٿليٽڪس فيڊريشن پاڪستان جو پنجاب اٿليٽڪس اليڪشن ڪالعدم ڪرڻ وارو فيصلو پڻ معطل ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like