مھانگائي، ڌاڙيل راڄ، بيروزگاريءَ ۽ حڪومتي خراب ڪارڪردگي سبب سنڌ جو عوام اذيت ۾ آهي\ڪاشف شيخ

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته وڌندڙ مھانگائي، ڌاڙيل راڄ ، معاشي بدحالي ۽ خراب حڪومتي ڪارڪردگي ڪري سنڌ واسين جي زندگي کي اذيت ناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. قابل ۽ ديانتدار قيادت ئي نجات ڏياري سگھي ٿي۔ پاڻي وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ خلاف ڪابہ سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين. خوشحال ۽ با اختيار صوبا مضبوط پاڪستان جي ضمانت آھن پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ بنجر بڻجندي پئي وڃي ڇوتہ سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي. پاڻي جي اھا صورتحال رھي تہ سنڌ کي وڌيڪ ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پوندا. ماھرن جو چوڻ آھي ته ڊيلٽا تي پاڻي نه ڇڏيو ويو ته2050 تائين ٺٽو ۽ سجاول پنھجو وجود وڃائي ويھندا پر حڪمرانن جي وري بہ ساڳي رٽ آھي.مينار پاڪستان ۾ جماعت اسلامي جي ٽن ڏھاڙن واري اجتماع جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هن وقت ايماندار قيادت، مضبوط حڪمراني ۽ عوامي ترجيحن تي ٻڌل واضح لائحه عمل جي ضرورت آهي، ۽ جماعت اسلامي ئي اها واحد جماعت آهي جيڪا عوام کي حقيقي تبديلي ۽ شفاف نظام فراهم ڪري سگهي ٿي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدانتظامي عوام کي شديد مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. نااھل قيادت ڪري ھن جديد دور ۽ مالي وسيلن سان مالامال ھجڻ جي باوجود سنڌ جا ماڻھو پاڻي، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن لاءِ ترسي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمران جماعتون رڳو نعري ۽ اعلانن تائين محدود آهن۔هن چيو ته جماعت اسلامي سنڌ ۾ حقن جي بحالي، شهري مسئلن جي حل، روزگار جي موقعن ۽ نوجوانن لاءِ باوقار مستقبل جي جدوجهد جاري رکندي.عوام ڏسي چڪا آهن ته پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتن ملڪ کي استحڪام ڏيڻ بدران وڌيڪ بحرانن ۾ ڌڪي ڇڏيو۔ هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته قوم ذاتي مفادن بدران اصولن ۽ ڪردار جي بنياد تي قيادت جي چونڊ ڪري۔هن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون، مضبوط بلدياتي نظام ۽ اختيارن کي ھيٺين سطح تائين منتقلي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن عوامي مسئلا مقامي سطح تي حل ٿي سگهن۔سنڌ جي امير نوجوانن، شاگردن، مزدورن ۽ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت کي جماعت اسلامي جي وڌندڙ عوامي مقبوليت قرار ڏيندي چيو ته هي اجتماع ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قوم ظلم، ناانصافي ۽ غيرمنصفاڻي معاشي نظام خلاف اٿي چڪي آهي۔هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي سموري سنڌ ۾ عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ هر شهر، ڳوٺ ۽ ڪچي آبادي تائين پنهنجو پيغام پهچائيندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.