ڪراچي ۾ تيزيءَ سان ترقياتي اسڪيمون جاري آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سنجيده ۽ فعال پاليسي تحت ڪراچي ۾ تيزي سان ترقياتي اسڪيمون جاري آهن، جنهن جو مقصد شهر جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ آهي.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جون 76 اسڪيمون سوا 13 ارب رپين جي لاڳت سان هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جون 200 اسڪيمون تي 18 ارب 36 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته حڪومت شهر کي جديد، محفوظ بڻائڻ ۽ سهولتن لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ عوام جي سهڪار سان ترقياتي عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي رليف ملندو، ڏکيائين باوجود ڪوشش آهي ته سمورا ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.