قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي 13 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.
اڪثر سيٽون ان وقت خالي ٿيون هيون، جڏهن پي ٽي آءِ جا اهي ميمبر نااهل قرار ڏنا ويا، جن کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ 9 مئي 2023 جي پرتشدد واقعن ۾ مبينا طور ملوث هجڻ تي سزائون ٻڌايون ويون.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 18 هري پور، اين اي 96 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور، اين اي 143 ساهيوال ۽ اين اي 185 ڊيرا غازي خان ۾ پولنگ جو سلسلو جاري رهيو.
پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 79 سرگوڌا، پي پي 87 ميانوالي، پي پي 98 فيصل آباد، پي پي 115 فيصل آباد، پي پي 116 فيصل آباد، پي پي 203 ساهيوال ۽ پي پي 269 مظفر ڳڙهه جي سيٽن تي به پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ عوام ووٽ وڌو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.