سنڌ خلاف ڪنهن به ڳالهه جي حمايت نه ڪنداسين:ناصر شاهه

حيدرآباد (رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڀلي 29هين يا 30هين ترميم اچي، سنڌ خلاف ڪنهن شيءَ کي سپورٽ نه ڪنداسين، پيپلزپارٽي احتجاج کان ڪنهن کي ناهي روڪيو پر ريڊ زون ۾ وڃڻ تي معاملا ٿيندا آهن، وڪيلن سان ڪا زيادتي ٿي آهي ته اسان معذرت ڪيون ٿا پر انهن کي به ٻڌايون ته اسان آئين جي بالادستي ۽ عدالتن جي بالادستي جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون،  پيپلزپارٽي جي ڪري چئني صوبن کي حق مليا آهن، ميئر آفيس حيدرآباد جي ڪانفرنس هال ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيدي  ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي پاڪستان ۽ صوبي جي ترقي لاءِ سڀني سان مشاورت جي ذريعي اڳيان وڌڻ تي يقين رکي ٿي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 26 هين ۽ 27 هين ترميم لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي سمورين جماعتن سان مشاورت ڪئي. آئيني عدالتن ۾ هاڻي چئني صوبن جي نمائندگي هوندي جنهن سان عدالتي بالادستي قائم ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.