راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ملڪي سيريز جي ٽين ميچ ۾ سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ سريلنڪا طرفان مليل 129 رنسن جو هدف پاڪستان 16هين اوور ۾ ئي پورو ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان صاحبزادا فرحان ناقابل شڪست 80 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 6 چوڪا شامل هئا، صائم ايوب 20، بابر اعظم 16 ۽ عثمان خان 5 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان چميرا 2 ۽ ڪپتان شناڪا هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ سرلنڪن ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون، لياناگي 41، ڪوشل پريرا 25، مشارا 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان محمد نواز 3، ابرار احمد، فهيم اشرف ۽ سلمان مرزا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽي ملڪي سيريز جون شروعاتي ٻئي ميچون کٽيون آهن، ان کان اڳ پاڪستان زمبابوي کي شڪست ڏني هئي.
You might also like