ٿائلينڊ ۾ ٿيندڙ مس يونيورس 2025 جي فائنل ۾ ميڪسيڪو جي 25 ورهين جي فاطمه بوش تڪرارن ۽ دٻاءَ باوجود شاندار پرفارمنس سان مس يونيورس جو تاج ماڻي ورتو.
مقابلي ۾ 120 ملڪن جي سندرين حصو ورتو، جنهن ۾ ٿائلينڊ جي اميدوار رنر اپ رهي، جڏهن ته وينزويلا ۽ فلپائن جون حسينائون به ٽاپ فائيو ۾ شامل رهيون.
پاڪستان جي نمائندگي 25 ورهين جي روما رياض ڪئي ۽ فلسطين جي پهرين حسينا نادين ايوب به جلوا ڏيکاريا.
فائنل کان اڳ ڊرامائي صورتحال ۾ ٿائي ايونٽ ڊائريڪٽر، فاطمه بوش جي سرعام ڇنڊ پٽيندي کيس بي وقوف چيو، جنهن تي فاطمه واڪ آئوٽ ڪيو ۽ ٻين اميدوارن به ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پوءِ ايونٽ آرگنائيزر فاطمه کان معافي وٺي ڇڏي.
فاطمه بوش فيشن ڊيزائن جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سماجي مسئلا اجاڳر ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندي آهي.
هن سيپٽمبر 2025 ۾ مس ميڪسيڪو جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
You might also like