فيصل آباد: ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 17 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽڻ سان 4 ٻارن سميت 17 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون پڻ ڪِري پيون.
فيصل آباد جي علائقي ملڪ پور ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽڻ سان باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سبب ڀرپاسي ۾ موجود 9 گهرن جون ڇتيون به ڪري پيون.
ريسڪيو ٽيمن فيڪٽري ۽ ويجهن گهرن جي ملبي مان 13 لاش ڪڍيا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته 20 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي 10 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب فيڪٽري مينيجر بلال کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ فيڪٽري مالڪ قيصر چغتائي فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
علائقي واسين آبادي ۾ قائم فيڪٽري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.