اسلام آباد (اسد طور) اسان کي هميشه ٻڌايو وڃي ٿو ته استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي ترقي وڌائڻي آهي. فائنانشل ٽائمز لکيو آهي ته پاڪستان ۾ جهڙي نموني طاقتور ماڻهو پاڻ وٽ اختيار وڌائيندا پيا وڃن، ان سان معيشت جمود جو شڪار ٿي ويندي پر ترقي نه ڪندي، هاڻي ائين ئي ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪي نوان سيڙپڪار نٿا اچن جڏهن ته وڏا وڏا سيڙپڪار يا پرڏيهي ڪمپنيون ڪاروبار ي منافعو پاڪستان مان تيزي سان ڪڍي رهيون آهن، هو سيڙپڪاري ڇڏي رهيا آهن. ناڻي واري وزارت اها رپورٽ جاري نه ڪري رهي هئي پر آءِ ايم ايف شرط لڳائي ڇڏيو ته رپورٽ جاري ڪريو نه ته قسط روڪينداسين. رڳو ٻن سالن ۾ 53 سئو ارب رپين جي ڪرپشن ٿي جنهن ۾ اثاثا هئا، انهن کي ريڪور ڪيو ويو. هو چون ٿا ته اهو ڪرپشن جو ننڍو حصو آهي، هر هنڌ ڪرپشن ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ معيشت لاءِ اهم سڌارن تي زور ڏنو ويو آهي. شگر مافيا، حڪمران، اشرافيا، سياستدان، صنعتڪار، بيوروڪريٽ، جرنيل، جج، پوليس، ايف آءِ اي سميت هر هنڌ ماڻهو پيسو کائي رهيا آهن. ان معاملي تي تحقيقاتي صحافي به خاموش آهن ۽ هو پاڻ ڪرپشن ڪرڻ لڳا آهن. اين سي سي آءِ اي ادارو ٺاهي ان کي واڌو اختيار ڏنا ويا، اهو ادارو سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ ٻين آوازن کي دٻائڻ، ڪوڙا ڪيس ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو. شگر مافيا وارا پيڙائي جي سيزن ۾ ڪمند نٿا وٺن، ٽرڪون ڀريون بيٺيون آهن ڇو ته هو فصل وٺندا ۽ پيڙائي ڪندا ته پيداوار شروع ٿي ويندي، پاڪستان ۾ کنڊ جي قيمت 230 رپيا آهي جيڪا 120 رپيا ٿي ويندي. پر شگر مافيا فصل نٿي وٺي. شريف ڪٽنب، چوڌري ڪٽنب، جهانگير ترين، زرداري خاندان، خسرو بختيار جون شگر ملون آهن، اهي سڀ حڪومت ۾ ويٺا آهن، اهي سڀ عام ماڻهو کي فائدو ڏيڻ بدران پنهنجو کيسو ڀري رهيا آهن ۽ وڏي پئماني تي ناجائز منافعو ڪمائي رهيا آهن. هي مافيا گڏجي عوام کي ڦري رهي آهي، جڏهن سندن خلاف ڪيس ٿئي ٿو ته ٻئي ڏينهن ختم ٿي وڃي ٿو. هي هي وڃي راولپنڊي ۾ ملاقاتون ڪن ٿا ته ايف بي آر کان اختيار ختم ڪرايا وڃن ٿا. ان جي باوجود هتي رياست جي ترجيح خبرن کي دٻائي رڳو استحڪام ظاهر ڪرڻ آهي،رڳو معاشي استحڪام ڏيکاريو وڃي ٿو، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جهڙن سماجي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ڪيا وڃن ٿا. صحافين کي دٻايو وڃي ٿو. رياست جون ترجيحون، عمران خان، عليما خان، اڊيالا جيل جي چوڌاري گهمن ٿيون پر عام ماڻهو ڪنهن جي ترجيح ناهي. ٻئي پاسي 28هين ترميم اچي رهي آهي پر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ئي ناهي، جيڪي نامزد ٿيل آهن انهن جا نوٽيفڪيشن نٿا ڪيا وڃن ڇو ته اپوزيشن هوندي ته حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيندي. قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جو ان حوالي سان شرمناڪ ڪردار آهي.