جيڪڏهن توهان مسلسل هڪ مهيني تائين گرين ٽي پيئو ته اها معمولي عادت جسم ۾ اندروني سطح تي هاڪاري تبديليون پيدا ڪري سگهي ٿي.
ماهرن موجب ان جا فائدا هوريان هوريان ظاهر ٿيندا آهن پر اثر ڊگها ۽ فائديمند هجن ٿا.
هتي توهان کي صحت جي انهن فائدن بابت ٻڌائينداسين، جيڪي 30 ڏينهن تائين گرين ٽي پي حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ميٽابولزم ۾ بهتري
هڪ رپورٽ موجب گرين ٽي جو استعمال جسم ۾ چرٻي ڳارڻ ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪندو آهي.
هڪ مهيني جي استعمال کانپوءِ عام طور تي توانائي ۾ واضح واڌ محسوس ٿيندي آهي، هاضمو بهتر ٿيندو آهي، کاڌو جلد هضم ٿيڻ لڳندو آهي ۽ وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن کي اها رفتار بهتر محسوس ٿيندي آهي.
جلد تي اثر
گرين ٽي ۾ موجود طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽس جلد جي سوڄ کي گهٽائيندا آهن، هڪ مهيني تائين گرين ٽي جي استعمال کانپوءِ اڪثر ماڻهن جي جلد تان داڻا گهٽجي ويندا آهن، جلد وڌيڪ صاف شفاف محسوس ٿيندي آهي، جڏهن ته سوڄ گهٽجڻ سان چهرو تازو توانو لڳندو آهي.
دماغي ڪارڪردگي ۾ بهتري
گرين ٽي ۾ موجود ايل ٿيانن ۽ هلڪي ڪيفين دماغ کي پرسڪون رکندا آهن، هڪ مهيني تائين روز استعمال ڪرڻ سان پڙهائي ۽ آفيس جي ڪم تي ڌيان وڌندو آهي، ذهني ٿڪاوٽ گهٽجندي آهي، موڊ بهتر رهندو آهي ۽ سوچڻ ۽ ياد رکڻ جي صلاحيت ۾ بهتري محسوس ٿيندي آهي.
آنڊن ۽ هاضمي لاءِ بهتر
گرين ٽي قدرتي پري بائيوٽڪ جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ جسم ۾ صحتمند بيڪٽيريا وڌائيندي آهي.
هڪ مهيني ۾ هاضمي ۾ بهتري ايندي آهي، گيس ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي شڪايت گهٽجندي آهي، آنڊن جي صحت بهتر ٿيڻ سان مدافعتي نظام به مضبوط ٿيندو آهي.
دل جي نظام تي هاڪاري اثر
گرين ٽي جا قدرتي جزا رت جي رڳن جي حفاظت ڪندا آهن ۽ دل جي نظام تي سٺو اثر وجهندا آهن.
ان کي روز پيئڻ سان خراب ڪوليسٽرول گهٽجندو آهي، بلڊ پريشر متوازن رهندو آهي، رت جي گردش بهتر ٿيندي آهي ۽ ڊگهي عرصي تائين دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو.
ذهني دٻاءَ ۽ بيچيني ۾ گهٽتائي
تحقيقن موجب گرين ٽي ذهني دٻاءُ وڌائيندڙ هارمون کي گهٽ ڪندي آهي، ان جي روز استعمال سان ننڊ جي معيار ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، بيچيني گهٽجي ٿي ۽ ذهن وڌيڪ پرسڪون رهندو آهي.
You might also like