اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اين اي 18 هري پور جي ضمني چونڊ بابت غير ذميواراڻي بيان جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب اسان کي سهيل آفريدي جي ريمارڪس جو نوٽيس مليو آهي، جنهن ۾ هن ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ چونڊ عملي کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن کي اڪسايو.
بيان موجب صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي غير ذميواراڻي بيان نه رڳو ضمني چونڊ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي پر ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ چونڊ ڊيوٽي تي مقرر عملي ۽ ووٽرن جي حياتين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن سهيل آفريدي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي گهرواري شهرناز عمر ايوب کي چونڊ ايڪٽ 2017 ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته شهرناز عمر ايوب ان سيٽ تي اميدوار آهي، جيڪا سندس مڙس جي نااهلي سبب خالي ٿي.
You might also like