نون صوبن جو مطالبو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم طرفان نون صوبن جي مطالبي کي سنڌ جي وحدت تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو.
صوبائي وزير اسماعيل راهو، مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته نون صوبن جو مطالبو پورو نٿو ٿي سگهي، سنڌ جي ورهاست جا بيان غير سنجيده، چڙ ڏياريندڙ ۽ صوبي جي عوام جي خواهشن جي خلاف آهن.
هن چيو ته 18هين ترميم نه رڳو صوبن پر وفاقي ڍانچي کي مضبوط ڪيو، مصطفيٰ ڪمال ذميواراڻي گفتگو ڪري، ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست ان کي وڌيڪ محدود ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.