سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين مڪ گرا کي ڪمينٽري پينل مان ڪڍيو ويو.
آسٽريلوي ميڊيا موجب قومي براڊ ڪاسٽر اداري گلين مڪ گرا کي ريڊيو ڪمينٽري پينل کان الڳ ڪري ڇڏيو، کيس ايشز سيريز جي شروعات کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ پينل مان ڪڍيو ويو آهي.
ميڊيا جو چوڻ آهي ته گلين مڪ گرا کي جوا جي ڪمپني سان تعلق جي بنياد تي پينل مان ڪڍيو ويو، ان جو آن لائن جوا جي ڪمپني سان تعلق ٻڌايو ويو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب قومي براڊ ڪاسٽر اداري جي پاليسي موجب ملازم جوا جي ڪمپني سان تعلق نٿو رکي سگهي، فاسٽ بالر جو ميڪ گرا فائونڊيشن جي سپورٽ لاءِ جوا جي ڪمپني سان تعلق ثابت ٿيو.
You might also like