ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي حق نه مليا ته صوبا ٺاهڻ لاءِ به آئيني ترميم ٿي سگهي ٿي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وڏو وزير ڪچرو کڻڻ جو ذميوار بڻيل آهي، ڪهڙي صوبائي حڪومت اهو ڪم ڪندي آهي؟ هن سال سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جا 2400 ارب رپيا مليا آهن، جنهن مان ڪراچي کي 800 ارب ملڻ گهرجن ها پر 100 ارب به نه مليا، وفاق چئي ٿو ته سمورا پيسا وڏي وزير کي ڏنا ويا، وڃو وڏي وزير کان وٺو.
هن چيو ته پ پ چوندي هئي زرعي ٽيڪس نه لڳڻ گهرجي، آءِ ايم ايف ڪَن پڪڙي زرعي ٽيڪس لڳائڻ جو چيو ته زرداري صاحب اعلان ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته صوبا ٺاهڻ جي قانون ۾ آئيني ترميم ٿي سگهي ٿي ۽ نئين صوبي جي ڳالهه ان وقت ڪندا آهيون، جڏهن اسان کي حق ناهن ملندا.
You might also like