راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 23 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 16 ۽ 17 نومبر تي سيڪيورٽي فورسز ٻه ڪارروائيون ڪيون، پهرين ڪارروائي باجوڙ ۾ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 خارجي مارجي ويا، جن ۾ خارجين جو سربراهه سجاد عرف ابوذر به شامل هو.
سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي بنون ۾ ڪئي، جنهن ۾ 12 خارجين کي ماريو ويو.
سيڪيورٽي فورسز جون خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 23 دهشتگرد مارجي ويا
You might also like