ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ بسون، سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان ڊبل ڊيڪر ۽ نيون اي وي بسون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ۾ گفتگو ڪندي شرجيل ميمڻ چيو اميد ته ڊبل ڊيڪر ۽ نيون اي وي بسون ايندڙ هفتي تائين ڪراچي پهچي وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ وڌيڪ 500 بسون آڻڻ چاهيون ٿا.
شرجيل ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي نون روٽن لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ يلو لائن بي آر ٽي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.