پيٽرول کانپوءِ عوام تي مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غربت جي چڪي ۾ پيڙهجندڙ عوام تي پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جو بم ڪيرائڻ کانپوءِ هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو، اوگرا نومبر لاءِ ايل اين جي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي سدرن جي سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.22 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ، جڏهن ته سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين جي 0.17 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 12.40 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 11.45 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.