دوحا (ويب ڊيسڪ) رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان مسلسل ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي، پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دوحا ۾ کيڏيل ميچ ۾ يو اي اِي جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سيد حيدر 20 ۽ محمد فراز الدين 12 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان سفيان مقيم 3، احمد دانيال ۽ معاذ صداقت 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان شاهينز گهربل هدف ڇهين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، معاذ صداقت 37 ۽ غازي غوري 16 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم اڳ ئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي چڪي آهي.
You might also like