مِشي خان پاڻ شادي نه ڪري سگهي ته ٻين جي خوشي خراب نه ڪري: روبي انعم

سينيئر اسٽيج آرٽسٽ ۽ ڪاميڊي اداڪارا روبي انعم تازو ئي مشهور اداڪارا ۽ ميزبان مِشي خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
روبي انعم، مشي خان جي روزگار، شادي نه ٿيڻ ۽ انهن جي پس منظر بابت به تنقيدي جملا ڳالهايا.
روبي انعم اسٽيج ڪاميڊي، ٿيٽر ۽ پاڪستاني ۽ ڀارتي پنجابي فلمن ۾ ڪم جي ڪري مشهور آهي، جڏهن ته هوءَ به اڳ ڪيترن ئي تڪرارن جو حصو رهي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ روبي انعم ڊاڪٽر نبيحه علي خان جي شادي کان پوءِ مشي خان پاران لڳايل الزام غلط قرار ڏنا ۽ چيو ته
ڊاڪٽر نبيحه جو نڪاح ٿيو، رخصتي ٿي، هوءَ پنهنجي گهر هلي وئي، شادي جون رسمون هلنديون رهيون ۽ رڳو ڪجهه ڪلاڪن بعد صبح جو 6 وڳي هڪ عورت انهن خلاف وڊيو شيئر ڪري ڇڏي، جيڪو ڏاڍو تڪڙو عمل هو. نبيحه جي زيورن جي اصليت يا نقلي هجڻ تي بحث ڪرڻ ئي غير ضروري هو
روبي انعم، مشي خان تي ذاتي طنز ڪندي چيو هوءَ ٻين جي خوشي خراب نه ڪري، جيڪڏهن پاڻ شادي نه ڪري سگهي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين جي خوشيءَ سان حسد نه ڪري.
هن چيو جيڪڏهن نبيحه جي ڪا شيءَ جعلي به هجي، تڏهن به ڪنهن کي سندس خوشي خراب ڪرڻ جو حق ناهي، شادي جو ڏينهن خوشيءَ جو هوندو آهي، ان کي خراب نه ڪيو وڃي. سوشل ميڊيا تي بنا سبب ٻين کي نشانو بڻائڻ غلط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.