دنيا جي خوبصورت ترين ملڪن جي فهرست جاري، پهريون نمبر ڪنهن ماڻيو؟

دنيا جي 11 خوبصورت ترين ملڪن جي نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب دنيا جو هر ملڪ پنهنجي منفرد خوبصورتي، شاندار تعمير، دلڪش نظارن، قديم تاريخ ۽ صديون پراڻين روايتن جي ڪري مشهور آهي، 195 ملڪن مان سڀ کان خوبصورت ملڪ چونڊڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر تازو شايع ٿيل فهرست ان فيصلي کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب اها فهرست انهن سياحن جي راءِ تي ٻڌل آهي، جيڪي پاڻ اهي ملڪ گهمي چڪا آهن.
ٽريولرز موجب هي اهي ملڪ آهن، جن کي ڪنهن به وڏي سفر يا ”بڪٽ لسٽ“ ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي.
Rough Guides جي 2024ع چونڊ نتيجن موجب نيوزيلينڊکي دنيا جو سڀ کان خوبصورت ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.
اهي نتيجا پبلشر جي هزارين پڙهندڙن جي ووٽنگ جي بنياد تي جوڙيا ويا آهن.
ووٽ ڏيندڙن نيوزيلينڊ کي ان جي شاندار قدرتي خوبصورتي، بيشمار ايڊوينچر سرگرمين، برف سان ڍڪيل جبلن ۽ سمنڊ ڪنارن جي حيران ڪندڙ ميل جول سبب پهرين نمبر تي رکيو.
دنيا جي ٽاپ 11 خوبصورت ترين ملڪن جي فهرست ۾ يونان، اٽلي، جاپان، سوئٽزرلينڊ، ناروي، انڊونيشيا، ڪئناڊا، آئس لينڊ، ڀارت ۽ ٿائي لينڊ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.