دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستاني بيٽر بابر اعظم تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب بابر اعظم سريلنڪا خلاف آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.
بابر اعظم تي ليول ون جي ڀڃڪڙي تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ سندس ڊسيپلنري رڪارڊ ۾ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به شامل ڪئي وئي آهي.
بابر اعظم آءِ سي سي طرفان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي کي تسليم ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته بابر اعظم آخري ون ڊي ميچ ۾ آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بيٽ اسٽمپس ۾ هنئي هئي.
Prev Post
You might also like