ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيل حسن نواز تي قسمت جي ديوي مهربان، ٽيم ۾ واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو جارح مزاج بيٽر عبدالصمد انجريءَ سبب ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
عبدالصمد پريڪٽس دوران هٿ ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 هفتا ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو، جنهن کانپوءِ حسن نواز جي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز اڄ کان شروع ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.