”شادي ڪيو ۽ روڪ انعام وٺو“ انوکي اسڪيم متعارف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ تيزيءَ سان گهٽجندڙ شادي جي شرح کي وڌائڻ لاءِ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي اوڀر شهر ننگبو ۾ شادي ڪندڙ جوڙن لاءِ خاص انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙا جوڙا جيڪي 28 آڪٽوبر کان 31 ڊسمبر تائين شادي رجسٽرڊ ڪرائيندا، انهن کي شادي جي خرچ لاءِ روڪ ووچر ڏنا ويندا، جنهن جو مقصد نوجوانن کي شادي ۽ ٻار ڄڻڻ لاءِ همٿائڻ آهي.
رپورٽ موجب گذريل سال چين ۾ شادين جو انگ 20 سيڪڙو گهٽ ٿيو، جيڪا هيل تائين جي سڀ کان وڏي سالياني گهٽتائي آهي.
شادي ۽ خاندان شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي گهٽجڻ جو ڪارڻ ٻارن جي پرورش ۽ تعليم جي وڌندڙ خرچن کي قرار ڏنو پيو وڃي.
پر ننگبو جي سول افيئرز ڊپارٽمينٽ موجب نوان جوڙا هڪ هزار يوآن (تقريبن 40 هزار پاڪستاني رپيا) جا ووچر حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.