ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين کي 2023 ۾ دل جو دورو پيو هو، جنهن بابت اداڪارا تازو هڪ وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا ٻڌايو ته هن دل جي آپريشن کان اڳ بيهوشيءَ جي انجيڪشن وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ان خيال کيس شديد خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ اسٽنٽ واري عمل کان بلڪل لاعلم آهي.
سشميتا سين چيو ته هن جاڳي سڀ ڪجهه ڏسڻ چاهي پئي، کيس ڏسڻو هو ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته اهو سڀ ڏسڻ خوفناڪ هو پر اهو سڀ نه ڏسڻ ان کان وڌيڪ خوفناڪ هو، سرجري جي وقت هن ڊاڪٽر کي اهو به چيو هو ته اهو پروسيجر جلدي ڪن.
واضح رهي ته سشميتا سين جون 95 سيڪڙو رڳون بند هيون، جنهن سبب کيس فوري اسٽنٽ وجهڻ جي ضرورت هئي.
You might also like