27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل، جڊيشل ڪميشن ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل، جڊيشل ڪميشن ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ٻنهي چيف جسٽس صاحبن جي مشاورت سان جسٽس جمال خان مندوخيل سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو.
جسٽس عامر فاروق جڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو ويو، جسٽس جمال خان مندوخيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو، جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم جڊيشل ڪائونسل جو سربراهه هوندو.
چيف جسٽس امين الدين خان جڊيشل ڪائونسل جو ٻيو سينيئر ميمبر هوندو، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن رضوي، جسٽس جمال مندوخيل جڊيشل ڪائونسل جا ميمبر هوندا.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جو سربراهه هوندو، چيف جسٽس امين الدين خان، جسٽس منير اختر، جسٽس حسن رضوي، جسٽس عامر فاروق جڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا.
ان کانسواءِ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ڪميشن جا ميمبر هوندا، حڪومت ۽ اپوزيشن جا ٻه ٻه رڪن پارلياماني ڪميشن جي ميمبر هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.