لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي سپر اسٽار ٽام ڪروز کي 45 ورهين جي فلمي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آسڪر ايوارڊ ملي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽام ڪروز کي ڪنهن فلم ۾ به بهترين اداڪاريءَ تي آسڪر نه ملي سگهيو پر تازو کيس اعزازي طور تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز پاران هر سال سينيما ليجنڊز کي انهن جي ڪيريئر ۽ فلم انڊسٽري ۾ حصو ونڊ ڪرڻ لاءِ اعزازي آسڪر ڏنو ويندو آهي، ان ئي حوالي سان سالياني گورنر ايوارڊز جي تقريب، جيڪا لاس اينجلس ۾ ڪوٺائي وئي، ان ۾ ٽام ڪروز کي اعزازي طور تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو ۽ کيس هڪ منٽ جي لاءِ اتي موجود ماڻهن اُٿي بيهي تاڙيون وڄائي ڀيٽا پيش ڪئي.
63 ورهين جو ٽام ڪروز پنهنجي 45 ورهين جي شاندار فلمي ڪيريئر ۾ 4 ڀيرا آسڪر لاءِ اميدوار نامزد ٿيو پر ڪڏهن به کيس آسڪر ايوارڊ نه ملي سگهيو، تنهن هوندي به پهريون ڀيرو آسڪر ٽرافي کڻي ٽام ڪروز خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته فلمون ٺاهڻ اهو ناهي جيڪو مان ڪندو آهيان پر اهو آهي جيڪو مان آهيان.
هن 45 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارن، هدايت ڪارن ۽ ساٿين جا ٿورا مڃيا.
You might also like