دفاعي شعبي جي منصوبن لاءِ 50 ارب رپين جي وڏي رليف پيڪيج جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي سول آرمڊ فورسز جي دفاعي سامان جي مرمت ۽ سول آرمڊ فورسز کي وڌيڪ رقم ڏيڻ کانسواءِ دفاعي خدمتن جي منصوبن لاءِ سپليمينٽري گرانٽ منظور ڪئي وئي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي سول آرمڊ فورسز جي دفاعي سامان جي مرمت لاءِ 10 ڪروڙ 3 لک رپين جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز کي وڌيڪ 84 ڪروڙ 15 لک رپين جي گرانٽ ڏني ويندي.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ دفاعي خدمتن جي منصوبن لاءِ 50 ارب رپين جي ٽيڪنيڪي سپليمينٽري گرانٽ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته پاسڪو جي خاتمي ۽ ايس پي وي جي قيام جي سمري منظور ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.