مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني جي سامهون آهي ۽ مودي دنيا کان منهن لڪائي رهيو آهي.
مظفر آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن توهان جي نمائندو توهان جي نمائندگي نه ڪري ته عوام کي پاڻ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، ڪشمير جو عوام جڏهن سراپا احتجاج هو ته فيصل راٺوڙ ان کي به ڏسي رهيو هو.
هن چيو ته هاڻ مظفر آباد ۾ توهان جو نمائندو فيصل راٺوڙ آهي، فيصل راٺوڙ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا اهي مون وٽ توهان جي امانت آهن، اسان بند ڪمرن ۾ ويهي آزاد ڪشمير جي حڪومت نه هلائينداسين.
سندس چوڻ هو ته پ پ جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي عمران خان کي اقتدار ڏنو ويو هو، مان پاڻ چونڊن ۾ توهان وٽ آيو هيس، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مايوس نه ڪيو، جيترو سياسي شعور ڪشمير ۾ آهي ايترو ڪٿي ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت پاڪستان ۽ ڪشمير جي ڀائيچاري کي نقصان پهچائيندو آهي، مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جنگ به هارائي ۽ هاڻ سازش به ناڪام ٿيندي.
You might also like