آئين ۽ انصاف جو جنازو نڪري ويو،پ پ وجود وڃائي ڇڏيندي:عامر وڙائچ

جيڪب آباد (ڊ ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدارتي اميدوار محمد حسيب جمالي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته 26هين، 27هين ۽ اچڻ وري 28هين آئيني ترميم اهي ترميمون آهن جنهن اسان جي ملڪ جي آئين جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن ڪري هن وقت ملڪ ۾ لاقانونيت هلي رهي آهي. اهڙي خيالن جو اظهار هنن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جيڪب آباد جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته اسين وڪيلن کي گذارش ڪنداسين ته اوهان سڀ انهي شخص کي ووٽ ڏيو جيڪي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا حامي ناهن جيڪي آزاد حيثيت ۾ بيٺل آهن، جيڪي آزاد عدليا سان بيٺل آهن، جيڪي اصل آئين سان بيٺل آهن ووٽ ان کي ڏيو جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان سان بيٺل آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومتي مرضي سان جج مقرر ٿيا ميرٽ جي بنياد تي نه آيا ته پوءِ ملڪ مان انصاف ختم ٿي ويندو، انصاف صرف وڏن ماڻهن کي ملندو غريب ماڻهن کان ان مان ڪوبه فائدو نه هلندو. هنن چيو ته سکر ۾ وڪيلن جو جيڪو ڪنوينشن ٿيو هو ان دوران اسين اهو فيصلو ڪيو ته پورو هڪ هفتو عدالتن ۾ اندر احتجاج ڪبا ۽ چيف جسٽس کي اسين 8 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي جنهن بعد اسين وري اهو فيصلو ڪيو ته عدالتي ڪم ڪار ۾ به رڪاوٽ نه اچي ۽ اسان جو احتجاج جو سلسلو به هلندو رهي ان لاءِ اسين اڄوڪو سمورو ڏينهن احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ باقي جيڪي ڏهاڙا آهن انهن ۾ صبح کان 11 وڳي تائين ڪورٽن جو ڪم هلندو ۽ 11 بجه کان پوءِ احتجاج جاري رهندو. هنن چيو ته حڪومت پنهنجي جعلي حڪومت کي بچائڻ لاءِ 27هين آئين ترميم آندي آهي، هنن چيو ته  سپريم ڪورٽ هاڻي هڪ مقبري جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي اها سوچ نه هئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو آئين ٺاهيو هي سڀ ان جي پوئواري نٿا ڪري سگهن، بلاول ڀٽو زرداري کي ٿوري نظرثاني ڪرڻ گهرجي حڪومت ضروري ناهي اڄ جيڪڏهن هو هن حڪومت کي لت هڻي ڇڏي ته اڳتي ماڻهون ان کي اها عزت ڏيندا جيڪا هميشه قائم رهندي جيڪڏهن هي حڪومت رهي ته پيپلز پارٽي جو سياسي ڪيريئر ڪنهن ڪم نه رهندو. ان موقعي تي ڊي بي اي جيڪب آباد جو صدر وڪيل مظفر علي رند ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.