ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کي 18هين ترميم جي خاتمي ۽ نئين صوبي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ مڪاني نظام بابت بل تي نه ڳالهايو ته 18هين ترميم ختم ٿيندي ۽ سنڌ ۾ صوبو به ٺهندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايندڙ مهينن ۾ مڪاني نظام بابت ترميم ايندي ۽ منظور به ٿيندي، جيئن توهان 18هين ترميم جو ڪريڊٽ کڻندا آهيو، مڪاني نظام بابت ترميم جو به ڪريڊٽ کڻو.
هن چيو ته پ پ 27هين ترميم ۾ ان بل کي شامل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي پر حڪومت چيو ته ان بل کي ايندڙ ترميم ۾ لازمي ڏسنداسين، پ پ مڪاني نظام بابت بل تي نه ڳالهايو ته 18هين ترميم ختم ٿيندي ۽ سنڌ ۾ صوبو به ٺهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.