مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ نئون وزيراعظم چونڊجي ويو.
اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي، اها رٿ سردار جاويد ايوب، چوڌري قاسم مجيد ٻين سان گڏ پيش ڪئي.
بي اعتمادي رٿ ۾ متبادل قائد ايوان طور فيصل ممتاز راٺوڙ جو نالو پيش ڪيو ويو هو.
راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي 36 ووٽ مليا، مخالفت ۾ 2 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ هو آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو.
چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب، فيصل ممتاز آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو
You might also like