اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حياتي بچائيندڙ 41 دوائن جي رجسٽريشن بابت اها درخواست هئي، 41 مان 30 رجسٽرڊ ڪيون ويون، ڊريپ گذريل ٻڌڻي تي دوائن جي دستيابي بابت ڄاڻ ويب سائيٽ تي لڳائڻ جو چيو هو، اڄ به کوڙ دوائن جي دستيابي جو علم ناهي، ڪيتريون ئي دوائون اڄ به ويب سائيٽ تي دستياب ناهن.
چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته درخواستگذار عوامي مفاد لاءِ آيو آهي، ٻڌڻي دوران آئيني عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان پيش ٿيو، چيف جسٽس امين الدين چيو ته هي عوامي مفاد جو ڪيس آهي، حڪومت دوائن جي فراهمي جو جائزو وٺي.
ڊريپ جي وڪيل چيو ته شگر سميت مختلف دوائن جا اگهه ڪنٽرول ٿي رهيا آهن، حياتي بچائيندڙ دوائن بابت ڄاڻ ويب سائيٽ تي موجود آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ويب سائيٽ تي ڊيٽا کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن.
آئيني عدالت ڊريپ کان دوائن جي دستياب بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like