اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت جي حق بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل بينچ 7 صفحن تي ٻڌل فيصلو ٻڌايو، جيڪو جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعيفيٰ کان اڳ لکيو هو.
سپريم ڪورٽ درخواستگذار عابد حسين جي اپيل خارج ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو.
عدالت وارثن کي وراثت کان محروم رکڻ تي عابد حسين تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي ۽ فيصلي ۾ چيو ويو ته ڏنڊ جي رقم 7 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي وڃي، جيڪا وارثن ۾ ورهائي ويندي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته عابد حسين جي ملڪيت تحفو هجڻ جي دعويٰ ثابت نه ٿي سگهي، وراثت جو حق خدائي حڪم آهي، عورتن کي حق کان محروم ڪرڻ آئين ۽ اسلام جي خلاف آهي، ملڪيت مالڪ جي لاڏاڻي کان ترت پوءِ وارثن ۾ ورهائجي ويندي آهي.
عدالت چيو رياست جي ذميواري آهي ته عورتن کي ڪنهن دير، خوف يا ڊگھي عدالتي ڪارروائي بنا وراثت جو حق ڏياري، وراثت کان محروم ڪندڙن کي قانون تحت جوابده ڪري.
You might also like