ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي سربراهه عالم محسود سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 10 دهشتگردن کي ماريو ويو، جڏهن ته 4 دهشتگرد زخمي به ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد، آپگهاتي جيڪيٽون، آءِ اي ڊيز ۽ هٿيار برآمد ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته خارجي عالم محسود 2008 ۾ نواز ڪوٽ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو، جڏهن ته بنون جيل ۽ آرمي پوسٽ تي حملي ۾ به ملوث رهيو.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، خارجي سربراهه سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا
You might also like