نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر ڀائونگر ۾ گهوٽ شادي کان هڪ ڪلاڪ اڳ پنهنجي ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب اهو واقعو پرڀوداس ڍنڍ ڀرسان ٽيڪري چوڪ جي علائقي ۾ پيش آيو.
جاچ موجب ساجن برائيا ۽ سوني همت راٺوڙ گذريل ڏيڍ سال کان لاڳاپن ۾ هئا، ٻنهي جو مڱڻو ٿي چڪو هو ۽ شادي جي تقريب ڇنڇر جي رات طئي هئي پر شادي کان ڪجهه دير اڳ ٻنهي ۾ ساڙي ۽ پيسن جي معاملي تي جهيڙو ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته ڪاوڙ ۾ اچي ساجن لوهي پائپ سان سوني تي حملو ڪيو ۽ ان جو مٿو ڀت ۾ هنيو، جنهن سبب هوءَ ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته جوابدار ڪنوار کي مارڻ کانپوءِ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري فرار ٿي ويو.
پوليس موجب ساجن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندس ڳولا جاري آهي.
You might also like