ڏکڻ ايشيا جي عظيم گلوڪارا ۽ 6 ڏهاڪن کان 18 ٻولين ۾ گيت ڳائيندڙ رونا ليليٰ جي آواز ۾ مقبول ڪلام ”دمادم مست قلندر“ ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا جي يوٽيوب چينل تي رليز ڪيو ويو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا جي سيزن ٿري جي اعلان کانپوءِ ئي اڳڪٿيون ٿي رهيون هيون ته ان ۾ رونا ليليٰ به شامل هوندي.
توڙي جو انتظاميا خاموشي اختيار ڪئي هئي پر گذريل سال رونا ليليٰ پاڻ تصديق ڪئي هئي ته مان هڪ ڪلام رڪارڊ ڪرايو آهي پر هن ان جا ٻول ظاهر نه ڪيا هئا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪلام گهڻو عرصو اڳ رڪارڊ ٿي چڪو هو پر ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا جي ڊگهي بندش سبب ان جي رليز ۾ دير ٿي.
رونا ليليٰ جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪوڪ اسٽوڊيو بنگلا طرفان اهو سيزن جو اٺون ڪلام رليز ڪيو ويو آهي.
You might also like