نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت قيدي نمبر 804 تبديل ڪري 420 ڪري ڇڏي.
نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ وارا اسيمبلي ۾ قيدي نمبر 804 جا نعرا هڻندا آهن پر هو 420 آهي، جنهن 24 ڪروڙ عوام سان ٺڳي ڪئي.
هن چيو جڏهن اسان ملڪ کي ترقي ڏياري ته سازش ڪئي وئي، يونين ڪائونسل به نه هلائي سگهندڙ هليو هو نئون پاڪستان ٺاهڻ.
سندس چوڻ هو ته ايٽمي طاقت هڪ ڦار ڪڍي ناهي هلندي پر ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم ڌاڳي ڦيڻي ذريعي ملڪ جا فيصلا ڪندو هو، پي ٽي آءِ جو دور ڪارو ترين دور هو، جنهن ۾ نوجوانن کي گارگند سيکاريو ويو پر الزام هڻندڙ اڄ اڊيالا جيل ۾ عبرت جو نشان بڻيل آهي.
You might also like