سوشل ميڊيا انفلوئنسر حرا ارمان جي ماهوار آمدني توهان کي دنگ ڪري ڇڏيندي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سوشل ميڊيا انفلوئنسر حرا ارمان پهريون ڀيرو پنهنجي آمدني جي حوالي سان انڪشاف ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
حرا ارمان فيشن ۽ لائف اسٽائل انفلوئنسر آهي، کيس 4 ورهين جي هڪ نياڻي آهي، جڏهن ته هوءَ پنهنجي شادي شده زندگي بابت ڪا ڳالهه ناهي ڪندي.
حرا مختلف برانڊن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ هن سوشل ميڊيا تي مقام حاصل ڪيو.
تازو هڪ پروگرام ۾ حرا ارمان ٻڌايو ته مان ڪيترن ئي سالن کان ان پيشي کي پروفيشن طور کڻي هلي رهي آهيان ۽ ان دوران ڪيتريون ئي ڏکيائيون پڻ پيش آيون.
هن چيو پاڪستان ۾ ته ان پيشي کي ڪير تسليم ناهي ڪندو پر دنيا ۾ موٽ ملندي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ حرا ارمان ٻڌايو ته منهنجي ماهوار آمدني 30 کان 40 لک رپيا ٿي ويندي آهي، مان ڪنهن ننڍي برانڊ سان ڪم ڪرڻ جا ٻه لک رپيا وٺندي آهيان.
واضح رهي ته حرا ارمان لاهور جي رهواسڻ آهي ۽ انسٽاگرام تي ان جي فالوئرز جو انگ 8 لک 25 هزارن کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته هوءَ رڳو 18 ماڻهن کي فالو ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.