ڀارت پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيو، ڏکڻ آفريقا پهرين ٽيسٽ ۾ 30 رنسن تان ڪامياب

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيو ۽ پروٽيز ميچ 30 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.
ڪلڪتي ٽيسٽ جو نتيجو ٽئين ڏينهن ئي نڪري آيو ۽ ڏکڻ آفريقا سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي 2 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي ماڻي ورتي.
ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 124 رنسن جو هدف مليو پر ميزبان ٽيم 93 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم 159 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ ڀارت 189 رنسون ٺاهيون.
مهمان ٽيم ٻي اننگز ۾ 153 رنسون ٺاهيون ۽ ڀارت کي ڪاميابي لاءِ 124 رنسن جو هدف مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.