اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو.
وفاقي حڪومت جي اختيارين موجب وزيراعظم دوري دوران ڪينٽ اسٽيشن ڪراچي جي اپ گريڊيشن منصوبي جو جائزو وٺندو.
ريلوي وارو وزير حنيف عباسي وزيراعظم کي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي جديد سهولتن جي فراهمي کان آگاهه ڪندو.
ريلوي اختيارين ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کي جديد بڻائڻ جي منصوبي جي حوالي سان انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
You might also like