سرفراز احمد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهم ذميواري ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهم ذميواري ملي وئي.
ذريعن موجب سرفراز احمد پاڪستان شاهينز ۽ پاڪستان انڊر 19 جا معاملا ڏسندو، کيس پاڪستان شاهينز ۽ پاڪستان انڊر 19 جو انچارج بڻايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد پاڪستان شاهينز ۽ انڊر 19 جي ڪوچن ۽ دورن کي ڏسندو، هو ٽيمن سان گڏ دورا به ڪري سگهندو.
سرفراز احمد پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽريننگ ۽ سيريز ۾ به ٽيمن سان گڏ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.