دادو (رپورٽ: غوث جھتيال ) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقرر هئي، ڪيس ۾ ام رباب چانڊيو ۽ فريادي پرويز چانڊيو عدالت پهتا. ام رباب چانڊيو کي رينجرس ۽ پوليس جي سخت پھري ھيٺ عدالت آندو ويو، جڏهن ته عدالت جي احاطي اندر ۽ ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، سنڌ بار ڪائونسل پاران 27 وين ترميم خلاف اعلانيل هڙتال سبب وڪيلن جي بائيڪاٽ جي ڪري ڪيس نه هلي سگهيو، ڪيس 22 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو گذريل حاضري دوران ام رباب چانڊيو ذاتي سببن ڪري پيش نه ٿي سگهي هئي، جنهن تي عدالت 15 نومبر جي نئين تاريخ رکي هئي. ڪيس جي اڳوڻي حاضري ۾ جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران لڳاتار 7 کان 8 ڪلاڪن تائين تقدير پيش ڪئي وئي، جڏهن ته اڄ اميد هئي ته فريادي ڌر جي وڪيلن طرفان به تفصيلي ڪيس بنسبت تقرير پيش ڪئي ويندي پر عدالت ۾ اچڻ کانپوءِ ام رباب چانڊيو پنهنجو موقف ۾ بيان ڪندي چيو ته 27 آئيني ترميم مخصوص طبقي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آندي وئي آهي، جيڪا عدالتي نظام تي 80 سيڪڙو سوال اٿاري ٿي. هن چيو ته مظلومن جي نظر هميشه عدالتن تي هوندي آهي، پر جيڪڏهن عدالتي نظام مضبوط نه ٿيو ته مظلوم کي انصاف نه ملندو. ام رباب چانڊيو چيو ته ترميم سبب مظلوم طبقي ۾ مايوسي پيدا ٿيندي، جڏهن ته اميد آهي ته عدالتون وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به سزا ڏينديون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي خدشا ترميم مان پيدا ٿين ٿا، انهن خلاف احتجاج ضروري آهي ۽ هو وڪيل برادري جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي سنڌ بار ڪائونسل طرفان 27 آئيني ترميم جي مخالفت ۾ اعلانيل هڙتال سبب وڪيلن اڄ عدالت جي ڪاروائي جو بائڪاٽ ڪيو، جنهن ڪري قتل ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 نومبر 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.هن چيو ته 27 هين ترميم کانپوءِ مظلومن کي انصاف ڪيئن ملندو؟اسان وڪيل ڀائرن جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا،اسان انهن سان گڏ بيٺا آهيون،احتجاج ۾ گڏ هونداسين،عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ته مون کي پنهنجي وڏن لاءِ انصاف کپي،ٻيو اسان معاشري ۾ چاهيون ٿا ته عدالتون وڏيرن،جاگيردارن،ڀوتارن کي سزائون ڏين،
پر جيڪڏهن اهڙي قسم جو سلسلو هليو ته پوءِ مظلوم طبقي ۾ مايوسي پکڙجندي،هن چيو ته اسان کي ڪيس جي تاريخ 22 نومبر ملي آهي،بهتري جي اميد رکون ٿا،26هين ۽ 27هين ترميم کانپوءِ مظلوم طبقي ۾ مايوسي پکڙيل آهي،اسان چاهيون ٿا ته مظلوم عوام ۾ اتساهه پيدا ٿئي،اهڙي قسم جا قانون ايندا ته پوءِ ڪير به همت نه ڪري سگهندو،هٿ وٺي اهڙا قانون پاس ڪيا ويا آهن جيئن ڪير به ظلم خلاف آواز نه اٿاري سگهي